بحراڻيءَ تي ڇيڄ جو ناچ

بحراڻيءَ تي ڇيڄ جو ناچ (ناچ ): دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نوار جي منجي جنڊي لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا مٺايون وغيره رکي اگر بتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا ”لال جا بهاٽي، جهولي لعل“ ٻيا بيٺل چوندا هئا ”جهولي لعل“ اهڙيءَ طرح ناچ وجهندا دريا شاهه تي يا ڳوٺ کان ويجهي وهندڙ واهه تي رات جو اهو بحراڻي وارو سامان دريا داخل ڪري نچندا ٽپندا واپس ٿيندا هئا. هي مذهبي قسم جو ناچ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو